نظر سنڌي

نظر سنڌي: سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر نظر سنڌي اصل نالو اميربخش عالماڻي، پهرين اپريل 1933ع تي موري جي ڀرسان ڳوٺ جهان خان عالماڻيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو جان محمد عالماڻي هو. ابتدائي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ کان حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ ملازم ٿيو. نظر سنڌيءَ جي غزل ۾ نزاڪت ۽ نازڪ خيالي سمايل آهي. سندس غزل ۾ سنڌ جي ٻين گهڻن شاعرن جي ڀيٽ ۾ فصاحت، سلاست ۽ رواني وڌيڪ آهي. پاڻ سنڌي غزل جو اهم شاعر هو. درس تدريس سان گڏوگڏ شاعريءَ سان جنون جي حد تائين پيار ڪندو هو. نوابشاهه جي ادبي سرگرمين جو اصل باني نظر سنڌي هو ۽ استاد شاعر جي حيثيت رکندو هو. سنڌي ادبي سنگت، نوابشاهه جو سرگرم ميمبر هو. مشهور شاعرن بردي سنڌي، نور عباسيءَ ۽ منظور حسين قريشيءَ سان گڏ سنگت جي گڏجاڻين ۾ حصو وٺندو هو. سندس وفات 20 نومبر 1967ع تي ٿي.


لفظ نظر سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.04.01  عيسوي

نظر سنڌي پهرين اپريل 1933ع تي موري جي ڀرسان ڳوٺ جهان خان عالماڻيءَ ۾ ڄائو


1967.11.20  عيسوي

نظر سنڌي جي وفات 20 نومبر 1967ع ۾ ٿي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اٽل مل بينام
حافظ شيرازي
رابندرناٿ ٽئگور
چانڊيو نظام الدين
پريل سومرو
راج راڄپر
پرسوز بخاري
سعيد سومرو
ڀرتري هري
ميرغلام الله خان ٽالپر شاهواڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون